ايلون مسڪ ۽ ٻين ماهرن پاران مصنوعي ذهانت وارو نظام فوري طور روڪڻ جو مطالبو

مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل نمايان شخصيتون چاهين ٿيون ته طاقتور مصنوعي ذهانت واري نظام جي تربيت کي انسانيت لاءِ خطري جي خدشي سبب معطل ڪيو وڃي.

انهن پنهنجي صحيح سان هڪ کليل خط ۾ امڪاني خطرن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت واري نظام کي تياريءَ واري ڊوڙ سمجهه کان ٻاهر آهي.

ٽوئٽر سربراهه ايلون مسڪ انهن مان آهي جيڪي چاهين ٿا ته وڌيڪ مصنوعي ذهانت جي تربيت گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن لاءِ روڪي وڃي.

ايپل جي ڪو باني اسٽيو ووزنيڪ ۽ ڪجهه گهري سوچ رکندڙن محققن به انهيءَ خط تي صحيحون ڪيون آهن.

چيٽ جي پي ٽي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آئي تازو ئي هڪ جديد ٽيڪنالاجي جي پي ٽي فور جاري ڪيو آهي، جنهن شين جي باري ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ جي صلاحيت سان، مبصرن کي متاثر ڪيو آهي.

فيوچر آف لائف انسٽيٽيوٽ پاران لکيل خط ۾ مستقبل ۾ وڌيڪ جديد نظامن جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته هن سطح تي ترقي کي عارضي طور تي روڪيو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انساني ذهانت سان ڀيٽ رکندڙ مصنوعي ذهانت وارو نظام سماج ۽ انسانيت لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿو.

فيوچر آف لائف انسٽيٽيوٽ هڪ غير منافع بخش تنظيم آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته ان جو مشن تبديلي واري ٽيڪنالاجيز کي انتهائي وڏي پئماني تي خطرن کان پري رکڻ ۽ زندگيءَ کي فائدو ڏيڻ تي آهي.

Read Previous

چيني ٽيڪنالوجي ڪمپني علي بابا جي نئين تنظيم سازي جي اعلان بعد شيئرز ۾ اضافو

Read Next

جيتو پاڪستان رمضان گيم شو ۾ شائسته لوڌي سلپ ٿي ڪري پئي، وڊيو وائرل

Most Popular