پوپ فرانسس ساهه جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

ويٽيڪن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ فرانسس کي ساهه جي تڪليف آهي، جنهن ڪري علاج خاطر ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ گذاريندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته 86 سالن جي پوپ گذريل ڏينهن سانس کڻڻ ۾ ڏکيائي جي شڪايت ڪئي هئي، پر اهو به ٻڌايو ويو ته کيس ڪرونا وائرس ناهي.

بيان ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ آيو جڏهن فرانسس کي غير متوقع طور تي ٽيسٽ لاءِ اسپتال پهچايو ويو، ويٽيڪن چيو ته پوپ فرانسس ڪيترن ئي پيغامن کان متاثر ٿيو ۽ انهن جي قربت ۽ دعائن لاءِ شڪريو ادا ڪيو.

ويٽيڪن شروعاتي طور تي چيو ته پوپ کي چيڪ اپ شيڊول لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پر اطالوي ميڊيا سوال ڪيو ته، پوپ سان هڪ ٽي وي انٽرويو طئي ٿيل هو، جيڪو آخري گهڙين ۾ تبديل ڪيو ويو.

Read Previous

پنجاب کانپوءِ، خيبرپختونخواهه ۾ به چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

Read Next

بينڪ آف انگلينڊ پاران بينڪاري نظام ۾ وڌيڪ بحران جي خدشي سبب الرٽ جاري

Most Popular