پنجاب کانپوءِ، خيبرپختونخواهه ۾ به چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون.

پولنگ اٿارٽي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جي عام چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ 8 آڪٽوبر 2023ع جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

خيبرپختونخواهه جي گورنر پهريان 28 مئي تي چونڊن جي تاريخ تجويز ڪئي هئي پر بعد ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اليڪشن ڪميشن کي 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڪئي.

اها اڳڀرائي پاڪستان تحريڪ انصاف کي سٺي نه لڳندي، ڇاڪاڻ ته اها اڳ ۾ ئي پنجاب چونڊن ۾ دير جي مخالفت ڪري چڪي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي آجيان ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ صدر عارف علوي 30 اپريل جي تاريخ ڏني هئي پر اليڪشن ڪميشن 22 مارچ تي رٿيل تبديلي جو بنيادي سبب سڪيورٽي سبب قرار ڏيندي ايندڙ چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون.

جنوري ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ ٻئي اسيمبليون ٽوڙڻ واري تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت 5 رڪني بينچ ڪري رهي آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب جي چونڊن لاءِ پهريون اعلان واپس وٺڻ جو فيصلو سيڪيورٽي ۽ مالياتي ادارن پاران ايندڙ چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو.

Read Previous

سيوهڻ ۾ رودناڻي برادري جي ماڻهن جو زمين تي مبينا قبضي ڪوشش خلاف احتجاج

Read Next

پوپ فرانسس ساهه جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

Most Popular