سينيٽ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ڪري ورتو

Senate Ijlas

سينيٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ڪري ورتو، جنهن جي حق ۾ 60 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ آيا.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران اپوزيشن پاران سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي.

سينيٽ بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي ۽ بل کي فوري طور تي پاس ڪرڻ جي رٿ منظوري ڪري ورتي.

سينيٽ وڪيلن جي ڀلائي وارو بل ۽ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن بل به منظور ڪري ورتو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس سڀاڻي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ايوان ۾ ڳالهائيندي بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ منظور ڪاڪڙ چيو ته هو بل جي حمايت ڪن ٿا، هتي شراب جي بوتل تي نوٽيس ورتو ويو آهي.

ايوان ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو ته هو يقين نٿا ڪري سگهن ته هي بل 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت آهي، هي بل وڪيل برادري جو پراڻو مطالبو آهي.

رضا رباني چيو ته بيشمار ٺهراءُ آهن جن ۾ بار ڪائونسلن پاڻمرادو نوٽيس جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ادارا غير فعال يا هڪٻئي کي ڳچيءَ مان پڪڙين ته اها رياست لاءِ خطري جي گھنٽي آهي، سوچيل سمجهيل منصوبن تحت پارليامينٽ کي غير فعال ڪيو ويو.

Read Previous

وزيراعظم جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

Most Popular