توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

عمران خان

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان خلاف توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.

عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد بار اڄ به هڙتال تي آهي، هڙتال 3 ڏينهن کان هلي رهي آهي.

ان تي وڪيل امجد پرويز اعتراض ڪندي چيو ته عمران خان وڪيلن جي هڙتال ۾ شامل ناهي، جيڪڏهن جوابدارن جا وڪيل هڙتال تي هئا ته عمران خان کي عدالت جي ڪمري ۾ هجڻ گهرجي ها.

وڪيل خواجا حارث چيو ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي، حڪومت عمران خان کان سڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ان بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن چيو ته عمران خان سڪيورٽي خدشن سبب سيشن ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، وڊيو لنڪ ذريعي به عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، سندس اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت ڪارروائي 29 اپريل تائين ملتوي ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي توشاخانا ڪيس جي داخل ٿيڻ تي دليل ڏنا ويندا.

Read Previous

سينيٽ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ڪري ورتو

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ اظهار جي آزادي کي دٻائڻ واري قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular