اسحاق ڊار سينيٽ ۾ آءِ ايم ايف سان ڊيل لاءِ ٽائيم لائن ڏيڻ کان لنوائي ويو

Ishaq Dar

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سينيٽ ۾ پنهنجي تقرير دوران آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ ڪا به ٽائم لائن ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو آهي ته سمورا ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون مڪمل ڪيون ويون آهن.

سينيٽ ۾ سوالن جوابن دوران هن چيو ته عالمي قرض ڏيندڙ دوست ملڪن سان ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو.

وفاقي وزير ان ڳالهه کي ورجايو ته ملڪ ادائگي جون ذميواريون پوريون نه ڪندو، هن چيو ته ڊيفالٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، پاڪستان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو ۽ هر ادائيگي وقت تي ڪندو.

هن چيو ته آءِ ايم ايف هجي يا نه هجي، ملڪ کي گڏجي هلائڻو آهي، معيشت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل ڳالهيون مڪمل ڪيون ويون آهن، پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 10 ارب ڊالر آهن ۽ ان کي هلندڙ سال جون تائين 13 ارب ڊالرن تائين آڻڻ جو هدف آهي.

سوالن جي وقفي دوران اسحاق ڊار ايوان کي ٻڌايو ته گذريل 5 هفتن دوران پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي، حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي عالمي ذميوارين ۾ دير نه ڪئي آهي ۽ بروقت ادائيگيون ڪري رهي آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ جي بينچ جو پارٽي تي ڪو به اثر نه پوندو، عمران خان

Read Next

سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران 108 صحافين جي مالي امداد جي منظوري

Most Popular