اليڪشن ملتوي ڪيس: 4 رڪني بينچ ٽٽڻ بعد سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ قائم

سپریم کورٹ

اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 4 رڪني بينچ ٽٽڻ کانپوءِ هاڻي 3 رڪني بينچ جوڙي وئي آهي.

بينچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن.

ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان اڳ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل صاحب توهان ڪجهه چوڻ چاهيو، ان کان اڳ جسٽس جمال خان مندوخيل ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.

چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال خان مندوخيل بينچ جو حصو نه بڻجڻ چاهي ٿو جڏهن ته ڪالهه جسٽس جمال خان مندوخيل بينچ ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي ويو.

جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته مون ڪالهه ڪجهه چوڻ چاهيو پر چئي نه سگهيس، فيصلو لکڻ وقت مون سان صلاح نه ڪئي وئي ۽ ٿي سگهي ٿو منهنجي ضرورت نه هئي يا مشوري جي لائق نه سمجهيو ويو، الله اسان جي ملڪ جو خير ڪري ۽ جيڪا به بينچ ٺاهي وڃي، اها فيصلو ڪري، جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي.

Read Previous

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست رد

Read Next

جنهن تي جج ئي بي اعتمادي ظاهر ڪن، ان جي فيصلي جي ڪا به حيثيت ناهي، مريم نواز

Most Popular