تاريخدان، محقق ۽ صحافي پير حسام الدين شاهه راشدي جي 41هين ورسي ملهائي وئي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سنڌ ڪلچرل فورم ضلع ٺٽي طرفان سنڌ جي جڳ مشھور تاريخدان مورخ، محقق، اديب ۽ صحافي پير حسام الدين شاھ راشديء جي 41 هين ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، سماجي شخصيت مشتاق حسين انڙ، علمي ادبي شخصيت سلمان عمراڻي،محرم علي پنھور ،ڪامريڊ بختاور فاطمہ۽ ٻين جي قيادت ۾ ساڃاھ وندن جي ھڪ وفد سندس مزار تي گلن جي چاڙھي فاتح پڙهي راشدي صاحب کي لفظن جي گلابن جي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

ساڃاھ وندن چيو ته پير حسام الدين راشدي سنڌ جو تمام وڏو ڏاهو انسان هيو جنهن رات ڏينهن اوجاڳا ء پنڌ ڪري پنهنجي قلمي پورھئي وسيلي سنڌ جي تاريخ جي صفحن تي ڌارين حملي آورن جي خريد ٿيل مورخن جي چڙھيل دز لاھي اجرو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري سنڌ جي ترقي پسند فڪر ،سوچن ۽ خيالن کي سگهاري انداز ۾ دنيا آڏو روشن ڪرايو آھي، اهو ئي سبب آھي جو کيس نه رڳو سنڌ پر دنيا ۾ وڏي احترام ۽ پيار سان ياد ڪري مڃتا ڏني وڃي ٿي.

هنن چيو ته راشدي صاحب محقق، مورخ ۽ تاريخدان هوندي به سنڌ جي بهتر ۽ شاندار مستقبل لاء پريشان رهندو هيو، انڪري نوجوانن کي گهرجي ته پير صاحب جي ڪيل علمي ادبي ۽ تحقيقي پورهئي جو مطالعو ڪري ان مان نيون راهون ۽ رستا تعين ڪن.

ان موقعي تي ساڃاھ وندن پير حسام الدين راشديء سان گڏجي سنڌ جي تحقيقي پورھئي ۾ ھٿ ونڊائيندڙ جرمن ڄائي اسڪالر اينيمري شمل جي يادگار تي پڻ گل نڇاور ڪري کيس پڻ ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

Read Previous

ميرپورخاص ۾ سماجي ۽ قومي ڪارڪنن کي بلڊر جي موتمار ڌمڪين خلاف ريلي

Read Next

وڏي وزير جي خاص معاون بنده علي لغاري پاران مانجهند ۾ رمضان بچت بازار جو دورو

Most Popular