جسٽس مسرت هلالي پشاور هائي ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

Mussarat Hilali

پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مسرت هلالي خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ پهرين عورت چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قيصر رشيد خان جي 30 مارچ تي رٽائرمينٽ کانپوءِ جسٽس نورالامين خان کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو هو، پر سندس مدو صرف هڪ ڏينهن ئي رهيو.

جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدر عارف علوي باقاعدي منظوري ڏني.

جسٽس مسرت هلالي 2013ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج مقرر ٿي ۽ 2014ع ۾ باقاعده جج مقرر ڪئي وئي.

چيف جسٽس مسرت هلالي جو مدو آگسٽ ۾ ختم ٿي رهيو آهي، هوءَ پنجن مهينن لاءِ پشاور هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ڪم ڪندي.

جسٽس مسرت هلالي 8 آگسٽ 1961ع تي مالاڪنڊ ڊويزن جي ڳوٺ بٽ خيله ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم پنهنجي علائقي ۾ ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ پشاور منتقل ٿي وئي.

پشاور يونيورسٽي جي خيبر لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن وڪيل جي حيثيت سان شروعات ڪئي، کيس 1983ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، 1988ع ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ 2006ع ۾ سپريم ڪورٽ جو لائسنس مليو.

جسٽس مسرت هلالي 2007 جي وڪيلن جي آزادي واري تحريڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جنهن دوران گرفتار ٿيڻ دوران سندس هڪ ڄنگهه به ٽٽِي وئي.

کيس پشاور هاءِ ڪورٽ جي وائيس پريزيڊنٽ هجڻ سان گڏ ڪي پي ڪي جي پهرين عورت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.

عورت وڪيلن جسٽس مسرت هلالي جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس طور مقرري جي آجيان ڪئي آهي.

Read Previous

As to why Asian Birdes-to-be Are a Great Decision For Men

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف پاران اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب

Most Popular