وزيراعظم شهباز شريف پاران اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب

Maryam Nawaz Shahbaz Sharif Maulana Fazal-ur-Reman Bilawal Bhutto Zardari,Yousuf Raza Gillani Mahmood Khan Achakzai

سياسي، معاشي ۽ قانوني بحران جي وچ ۾ وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

اهو اعلان هڪ ڏينهن کانپوءِ آيو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪمران اتحاد جي چونڊن ۾ دير بابت فل ڪورٽ بينچ قائم ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) اڳواڻن جو اجلاس ٿيندو، جڏهن ته ٻيا اڳواڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا.

ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلن، ايندڙ چونڊن ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي سميت چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪردار تي به غور ويچار ڪيو ويندو.

Read Previous

جسٽس مسرت هلالي پشاور هائي ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

Read Next

ملڪ ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 35.37 سيڪڙو جي مٿئين سطح تي پهچي وئي

Most Popular