ملڪ ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 35.37 سيڪڙو جي مٿئين سطح تي پهچي وئي

هفتيوار مهانگائي

مهانگائيءَ جي سالياني شرح مارچ ۾ سڀ کان مٿانهين پوزيشن 35.37 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، گذريل مهيني 31.55 سيڪڙو هئي.

شماريات جي بيورو جي هڪ ترجمان چيو ته اهي انگ اکر پنج ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، ڇوته حڪومت عالمي مالياتي فنڊ جي شرطن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ڇنڇر تي جاري ڪيل سرڪاري انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح 3.72 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال مهانگائي جي سراسري شرح 27.26 سيڪڙو هئي.

هن وڌيڪ چيو هي اسان وٽ موجود ڊيٽا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، کاڌ خوراڪ ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ انڊيڪس کي وڌايو.

ڏکڻ ايشيائي ملڪ ڪيترن ئي مهينن کان معاشي بحران جو شڪار آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ فنڊنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٻڏتر جو شڪار آهن.

Read Previous

وزيراعظم شهباز شريف پاران اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب

Read Next

ملالا يوسفزئي پنهنجي مڙس لاءِ خوبصورت نوٽ لکيو

Most Popular