ڪمپني وارن جي نيت ٺيڪ هئي، پر سندن زڪوات ورهائڻ وارو طريقو درست نه هو، شرجيل ميمڻ

Sharjeel Memon

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري مالڪن پاران زڪوات ورهائڻ دوران پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي کین تمام گهڻو ڏک پھتو آهي. خانگي ڪمپني زڪوات ورهائي رهي هئي، جنهن جي هنن ڪنهن کي به اطلاع نه ڏني.

پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مان اهو نه چوندس ته ڪمپني وارن جي نيت ٺيڪ نه هئي، پر سندن طريقو درست نه هو، زڪوات ڏيڻ خير جو ڪم آهي پر امداد کي منظم ۽ نظم و ضبط سان ورهائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس ان واقعي جي ايف آءِ آر درج ڪئي آهي ۽ سنڌ جي وزير اعلیٰ واقعي جي فوتين جي وارثن لاءِ 5،5 لک ۽ زخمين لاءِ 1،1 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته هي امداد ڪنهن جي جان جو عيوضو نٿي ٿي سگهي پر ڏکايل خاندانن جي مدد لاءِ آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي پاڪستان ۾ مفت اٽي جي ورهاست جي صورتحال کي ڏسندي سڄي سنڌ ۾ اٽي بدران نقد رقم ، بي آءِ ايس پي جي سهڪار سان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھن چيو ته مستحق خاندانن کي سبسڊائزڊ اٽي جي خريداري لاءِ 2 هزار روپيا في خاندان جي حساب سان 78 لک خاندانن کي ڏنا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ 30 مارچ تائين 38 لک 24 هزار 145 مستحقن کي موبائيل فون تي ميسيجز موڪليا ويا آهن. جنهن مان هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو 2 ارب 14 ڪروڙ 25 لک 64 هزار رپيا ڪيش ڪرائي چڪا آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو خيال آهي ته عوام کي روڊن تي بيهڻ بدران باعزت طريقي سان امداد ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته رمضان المبارڪ ۾ 15 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.

هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي ان مد ۾ وڌيڪ 5 ارب روپيا به خرچ ڪرڻا پيا ته ضرور ڪندي، جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو ته هو مستحق آهي ۽ سندس نالو بي آئي ايس پي ۾ شامل ناھي ته اھي ويجھي بي آءِ ايس پي سينٽر سان رابطو ڪن ، انهن کي 24 ڪلاڪن اندر رجسٽرڊ ڪيو ويندو.

شرجيل انعام ميمڻ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به آئين ۽ قانون جي ايتري بي توقيري نه ٿي آهي جيتري هاڻي ٿي رهي آهي، گذريل مهيني لاهور ۾ پوليس تي تشدد ڪيو ويو، پوليس تي پيٽرول بم اڇلايا ويا، پوليس وارا زخمي ٿيا پر جن تي ان الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو انهن کي ضمانتون ملي ويون .

هن چيو ته سڪيورٽي جي ذميواري پوليس جي آهي پر پوليس اهلڪارن تي تشدد تي ڪو سو موٽو نه ورتو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن هر ڪو بدمعاشي، ڌانڌلي ۽ لاقانونيت تي لهي اچي ۽ پاڻ فيصلو ڪري ته گرفتاري ڏيڻي آهي يا نه ته پوءِ هي سماج انارڪي ، ڏنڊي ۽ غنڊه گردي جو سماج بڻجي ويندو.

هن چيو ته ياسمين راشد ۽ عارف علوي پنهنجي آڊيو ليڪ جي ترديد نه ڪئي، پر قانون ان تي خاموش آهي هن چيو ته ملڪ ۾ قانون کي تماشو بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته جسٽس وقار سيٺ جو فيصلو هو ته بي آر ٽي پشاور ڪيس نيب ۾ هلي پر اڄ تائين ان ڪيس تي اسٽي آرڊر ورتو پيو وڃي ۽ کين اسٽي آرڊر ملي به رهيو آهي، مان چئلينج ڪريان ٿو ته عمران خان جي پارٽي مان هڪ به اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو هن اسٽي آرڊر جو دفاع ڪري سگهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ اهو ڪيترو وقت هلندو ۽ ڪيستائين تائين هڪ سياسي پارٽي کي لاقانونيت جي اجازت ڏني ويندي ۽ ڪيستائين ملڪ ۾ ٻه نظام هلندا رهندا.هن چيو ته صادق ۽ امين لقب ڏيڻ وارو اڄ ڪٿي آهي؟ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي ريفرنس کي وقت ڇو نه ڏنو ۽ ڇو نه ان ڪيس کي ٻڌو ويو ۽ شهيد بي بي جي ٽرائل اڻ ڄاڻايل مدت لاءِ ڇو ملتوي ڪيو ويو ؟

هن چيو ته پيپلز پارٽي کي هميشه ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پيپلز پارٽي هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ تڪليفون برداشت ڪيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، عوام کي ڪا به دلچسپي ناهي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي ۽ عدالتون ڇا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان کان علاوه ٻوڏ متاثرٿيل هارين کي فصل پوکڻ لاءِ به امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته اڄ جي دور ۾ علاج تمام وڏو مسئلو آهي، سنڌ حڪومت عوام کي علاج جون بلڪل مفت ۽ بهترين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مسلسل اضافو ڪيو پيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالتن جا ريمارڪس نه پر فيصلا ڳالهائيندا آهن .صوبائي وزير چيو ته اسان کي ڪنهن سان به اختلاف ناهن، عدالتن جا فيصلن کي ڳالهائڻ گهرجي ۽ اهي فيصلا ٻين لاءِ مثال بڻجن . ھن چيو تہ قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجي ته ملڪ هلي سگهي ٿو.

هن چيو ته هن ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻي آهي ، هن ملڪ جي معيشت ۽ آئين جي حفاظت ڪرڻي آهي، اها اسان سڀني جي ذميواري آهي.

Read Previous

سدھارٿ ملهوترا جا زال ڪيورا آڏواڻيءَ سان رومانوي انداز ۾ پوز

Read Next

پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular