پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو

Maryam Nawaz Shahbaz Sharif Maulana Fazal-ur-Reman Bilawal Bhutto Zardari,Yousuf Raza Gillani Mahmood Khan Achakzai

لاهور: پ پ جي سمورين پارٽين سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فل ڪورٽ جو مطالبو نه مڃڻ انصاف جي گهرجن خلاف آهي.

لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ اڳواڻ نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

پارٽي ذريعن موجب وڊيو لنڪ ذريعي ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ شريڪ چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، چوڌري سالڪ حسين، مريم نواز شرڪت ڪئي.

مريم نواز ۽ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي به شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

وزيراعظم جي مدد لاءِ اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، ملڪ احمد خان ۽ اٽارني جنرل پڻ شرڪت ڪئي.

اهم اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاوه سپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ ٻن صوبن ۾ بلدياتي چونڊن بابت صلاح مشورا به اهم اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل هئا.

پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين جي اهم اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي جنهن ۾ نواز شريف سمورين سياسي پارٽين کي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن کي منظور ڪيو ويو.

Read Previous

ڪمپني وارن جي نيت ٺيڪ هئي، پر سندن زڪوات ورهائڻ وارو طريقو درست نه هو، شرجيل ميمڻ

Read Next

پي ٽي آءِ جو عدليه ۽ آئين جي بالادستي لاءِ هم خيال سياسي پارٽين سان رابطن جو فيصلو

Most Popular