عمران نيازي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو لوٽي شاھ محمود مان آھي، شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

ڪراچي: سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو لوٽي شاھ محمود مان آھي.

سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ شاھ محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو آھي ته شاھ محمود قريشي موسم کي ڏسي پارٽيون ۽ قائد تبديل ڪندو رھيو آهي.

پنھنجي ٽوئٽ ۾ صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي شاھ محمود کي سازش ڪندي پڪڙيو، عمران نيازي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو انهيءَ لوٽي مان آھي.

ھن چيو ته شاھ محمود جهڙن احسان فراموش ماڻهن لاءِ اهو قول ڪافي آهي ته “جنهن تي احسان ڪيو ، ان جي شر کان ڊڄو .”

Read Previous

آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ طوفان سبب 26 ماڻهو فوت

Read Next

قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز انڙ جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جتوئي چئلينجرز کٽي ورتو

Most Popular