قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز انڙ جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جتوئي چئلينجرز کٽي ورتو

قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز انڙ جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جتوئي چئلينجرز کٽي ورتو

قاضي احمد (رپورٽ امجد علي جتوئي ( قاضي احمد ۾ نامياري سياسي سماجي شخصيت سماج سڌارڪ مرحوم الحاج رئيس علي نواز خان انڙ جي ياد M ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جتوئي چئلينجرز کٽي ورتو.

ناز باغ گرائونڊ ۾ کيڏيل ٽن ڏينهن واري ٽينس نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل سروري اليون ۽ جتوئي چئلينجرز ۾ ٿيو.

سروري اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورز ۾ 63 رنسون ٺاهي جتوئي چيلينجرز کي 64 رنسن جو آسان هدف ڏنو.

جتوئي چيلينجرز چئن اوورن ۾ هدف حاصل ڪري فائنل کٽي ورتو، ونر ۽ رنر اپ ٽيمن کي ٽرافيون ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا.

Read Previous

عمران نيازي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو لوٽي شاھ محمود مان آھي، شرجيل ميمڻ

Read Next

راڌڻ ڀرسان بدامني ۽ ڏوهارين کي رشوت عيوض ڇڏڻ خلاف ميهڙ روڊ تي ڌرڻو

Most Popular