مٽياري ۾ ڪار مان سوپارين جي چوري جا 50 ڪٽا هٿ، 2 جوابدار گرفتار

Matiari karrawai

مٽياري (رپورٽ سيد آصف علي شاهه) مٽياري قومي شاهراھ تي مٽياري پوليس پاران لکين رپين جي منشيات هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي.

ڪراچي کان نواب شاھ ويندڙ قومي شاهراه تي ريڊيو پاڪستان وٽ دواران چيڪنگ ڪرولا ڪار جي تلاشي ورتي وئي، جنهن مان لکين روپين جي ماليت جي بندش پيل سوپارين جي چوري جا 50 ڪٽا هٿ ڪيا ويا.

پوليس ڪار ڊرائيور شڪارپور واسي جوابدار ارشاد انڙ ۽ محمد بخش منگي کي گرفتار ڪري هٿ ڪيل سوپارين جو چورو ۽ ڪار کي پنهجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس موجب گرفتار ٿيل ڊرائيور ارشاد انڙ ۽ سندس ساٿي محمد بخش منگي تي مٽياري ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. .

Read Previous

لارجر بئنچ نه جوڙي وئي ته آئيني بحران سبب ايمرجنسي يا وري مارشل لا جو خطرو آهي، بلاول ڀٽو

Read Next

ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: ڊي سي سانگهڙ

Most Popular