لارجر بئنچ نه جوڙي وئي ته آئيني بحران سبب ايمرجنسي يا وري مارشل لا جو خطرو آهي، بلاول ڀٽو

Bilawal Bhutto

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لارجر بئنچ نه جوڙي وئي ته آئيني بحران سبب ايمرجنسي يا وري مارشل لا جو خطرو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن لارجر بئنچ جوڙي نٿي وڃي ته تاريخ چيف جسٽس کي ايئن ياد رکندي، پر ايئن ياد رکندي ته هڪ اهڙو چيف جسٽس هو، جنهن ٽن ججن کي ويهاري پاڪستان کي آمريت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو.

هن چيو ته جهڙي ريت تخت لاهور جي ويڙهه انا تي لهي آئي آهي، لارجر بئنچ جوڙي نه وئي ته اهڙو آئيني بحران پيدا ٿيندو، جنهن ۾ خدشو آهي ته پاڪستان ۾ ايمرجنسي يا وري مارشل لا جي صورتحال نه پيدا ٿي وڃي.

سندس چوڻ هو ته ماضيءَ جيان عدليا خاص طور سپريم ڪورٽ جي ٽن ججز کي سوچڻ گهرجي ته ڇا پيو ٿئي، آئون سمجهان ٿو ته آئون سمجهان ٿو ته هي اليڪشن جو سوال ناهي ۽ نه ئي عام ڪيس آهي، پر سپريم ڪورٽ جو ٽرائل آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت عدليا تي سڀ کان سينيئر جج طرفان تنقيد ٿي رهي آهي، اها تاريخي آهي، ٽنهي ججز تي هڪ قسم جي بي اعتمادي آهي، اها بي اعتمادي اپوزيشن جي ناهي پر سپريم ڪورٽ جي باقي ججز جي آهي.

هن چيو ته اڄ به وقت آهي ته سڀئي هوش کان ڪم وٺن، اسان سڀني جو پاڪستان آهي، جنهن لاءِ سڀني جو ڪردار اهڙو هئڻ گهرجي ته عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ٿئي، معزز جج لارجر بينچ جوڙي اهم سوال جو جواب ڏين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي کي عمران خان جو ڪوبه فڪر ناهي، اسين مقابلو ڪري شڪست ڏئي سگهون ٿا، جيئن ملير ۾ ڏني، سمجهون ٿا ته چونڊون وقت تي ۽ جمهوري طريقي سان ٿين.

Read Previous

جسٽس مظاهر خلاف ريفرنسز: سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ خط

Read Next

مٽياري ۾ ڪار مان سوپارين جي چوري جا 50 ڪٽا هٿ، 2 جوابدار گرفتار

Most Popular