ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن، ايس ايڇ او شهيد، ڊي ايس پي سوڌو 2 اهلڪار زخمي

k kot ssp

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو، ڊي ايس پي سوڌو 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون جي ھدايت تي دراني مھر ٿاڻي جي ڪچي ۾ ڏوھاري گينگز خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو، علائقي ۾ پوليس پھچڻ تي فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.

ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو زخمي ٿي پيو، کي پوليس اھلڪارن فوري کڻائي اسپتال آندو، جتان سکر منتقل ڪيو ويو، پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ جديد ھٿيارن سان مقابلو ھلندو رھيو.

ڏوھارين طرفان اينٽي گن گرافٽ ۽ راڪيٽ لانچرن جا فائر ڪيل گولا بڪتربند کي پار ڪري ويا، مسلسل ڇتي فائرنگ ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او جمال عبدالطيف ميراڻي شھيد ٿي ويو .

سندس پوليس اھلڪار اسحاق عرف ڀائي ميراڻي زخمي ٿيو، شھيد ايس ايچ او جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال آندو ويو، اطلاع تي سوين شھري به پھچي ويا.

ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته 10 يا 12 ڏوھاري به مارجڻ جا اطلاع آهن، پوليس بھادري سان مقابلو ڪري رھي آهي، ڏوھارين جا گھيڙ گهٽ بند ڪري گھيرو تنگ ڪيو آهي.

Read Previous

سجاول ۾ صوبائي سيڪريٽري جي روانگي شرط بچت بازار ۾ لڳل اسٽال خالي

Read Next

ڪنڊياري ۾ انتظاميا جي حددخلين خلاف ڪارروائي، ڪيترائي صندل ۽ ريڙها ضبط

Most Popular