ڪنڊياري ۾ انتظاميا جي حددخلين خلاف ڪارروائي، ڪيترائي صندل ۽ ريڙها ضبط

ڪنڊيارو(رپورٽ عبدالحفيظ ملاح) ڪنڊيارو ۾ عدالتي حڪم باوجود حددخليون برقرار آهن، گذريل ڏينهن انتظاميا جو ڪريڪ ڊائون ڪري ڪيترائي صندل ۽ ريڙها ضبط ڪري ڇڏيا.

اسسٽنٽ ڪمشنر وقاص ملوڪ ٽائون ايڊمنسٽريٽر شاھنواز ڏيپر ۽ ٽائون آفيسر سليم اختر ميمڻ عملو ساڻ ڪري ڪارروائي ڪئي.

انتظاميا عيدگاھ روڊ ۽ بابن شاھ چوڪ سميت مختلف ھنڌن دڪانن ٻاھران رکيل خالي صندل ۽ ريڙھا ھٽرائي ضبط ڪري ورتا.

ٽائون آفيسر ۽ ٻين عملدارن پاران روايتي طرح دڪاندارن کي ٻيهر وارننگ ڏئي حددخليون نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن، ايس ايڇ او شهيد، ڊي ايس پي سوڌو 2 اهلڪار زخمي

Read Next

عمران نيازي هڪ فلاپ رانديگر آهي، سندس سياست ختم ٿي ويندي: عاجز ڌامراهه

Most Popular