وفاقي ڪابينا چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي اقليتي بينچ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

fed cabnet

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اڄ ٻئي ڏينهن به اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊن ۾ دير بابت سپريم ڪورٽ جي اقليتي بينچ جو فيصلو رد ڪيو ويو.

پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ 14 مئي مقرر ڪئي وئي هئي، ٻين قانوني ۽ آئيني معاملن تي غور ڪيو ويو.

ڪابينا ميمبرن سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي غور لاءِ اتحادي پارٽين جو اجلاس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

حڪومتي قانوني ٽيم ڪابينا ميمبرن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو، جنهن جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.

Read Previous

معين علي چنائي ۾ اسپن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي خوش

Read Next

سپريم ڪورٽ جو فيصلو سياسي ڏڦيڙن کي جنم ڏيندو، مسلم ليگ ن جو رد عمل

Most Popular