سپريم ڪورٽ جو فيصلو سياسي ڏڦيڙن کي جنم ڏيندو، مسلم ليگ ن جو رد عمل

اعظم نذير تارڙ

قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو تازو فيصلو ملڪ ۾ آئيني ۽ سياسي بحران کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄوڪي فيصلي تي کيس ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، اهو هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن ملڪ اڳ ئي مالي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته اها به بدقسمتي آهي ته ملڪ جي اتحادي سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ بار ايسوسيئشنز جي مطالبن باوجود هن اهم ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بينچ نه جوڙي وئي.

هن چيو ته مناسب هجي ها ته فيصلو عدالت جي اجتماعي ڏاهپ جي بنياد تي ٿئي ها، ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير چيو ته کيس اڃا به اميد آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان هڪ فل ڪورٽ بينچ ٺاهي ته جيئن فيصلي ۾ موجود شڪ شبها ختم ڪري ۽ عدليه ۾ ورهاڱي جو تاثر گهٽائي سگهجي.

هن چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان گذريل ڏينهن ٻڌڻي ۾ 6 رڪني بينچ جوڙڻ جي درخواست به ڪئي پر اها رد ڪئي وئي.

هن چيو ته موجوده سياسي ۽ آئيني بحران جو حل فل ڪورٽ بئنچ جو قيام آهي ڇو ته اجتماعي دانشمندي جو فيصلو ئي ملڪ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مطمئن ڪندو.

وفاقي وزير چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جو جائزو وٺڻ لاءِ 6 رڪني بينچ جوڙي وئي آهي، جنهن آئين جي آرٽيڪل 184/3 تحت ڪيس جي ٻڌڻي ضابطن جي تياري تائين منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هن وڌيڪ چيو ته محسوس ڪيو ويو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي سان لاڳاپيل معاملو رڳو ايگزيڪيوٽو آرڊر سان حل نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته ادارن ۾ تڪرار جو ماحول نه هجڻ گهرجي، سڀ کان پهريان اهو سمجهڻ گهرجي ته پهرين مارچ جو فيصلو 4-3 رڪني بينچ جي اڪثريت سان جاري ڪيو ويو هو.

Read Previous

وفاقي ڪابينا چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي اقليتي بينچ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

Read Next

Data Room Technology and Their Uses

Most Popular