اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن اجلاس

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت باڊي جي حڪم کي غير آئيني قرار ڏيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي ڏنل تازي فيصلي تي غور لاءِ هنگامي مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس اڄ ٿيندو.

اجلاس جو مقصد سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جو ايندڙ ايڪشن پلان طئي ڪرڻ آهي.

اليڪشن ڪميشن جي هڪ سينيئر آفيسر چيو ته ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو مختلف نقطن کان جائزو وٺندي، جنهن ۾ هدايتون يا تجويزون شامل آهن.

اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي عام چونڊن جي شيڊول تي به غور ڪيو ويندو.

Read Previous

عمران خان جو پي ٽي آءِ خلاف جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Read Next

مسلمان عورتن جي پاڪيزگيءَ تي سوال نه ڪيو وڃي: شرعي عدالت جو حڪم

Most Popular