عمران خان جو پي ٽي آءِ خلاف جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

imran khan pm

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان زمان پارڪ آپريشن ۽ سندس خلاف داخل ڪيسن جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم آڏو سي سي پي او آفيس ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ خلاف داخل ڪيسن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي عمران خان ۽ ٻين نامزد اڳواڻن کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.

سي سي پي او آفيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه پنهنجي وڪيلن ذريعي ٽيم آڏو پنهنجو موقف پيش ڪندو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزير اسد عمر واحد شخص هو جنهن کيس جاري ڪيل سمن جي تعميل ڪئي ۽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ٽيم آڏو پيش ٿيو.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي آءِ ٽي جوڙڻ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف موقف اختيار ڪيو ته عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن خلاف 10 بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

انهن اها به دعويٰ ڪئي ته اهي جي آءِ ٽي پاران جاچ هيٺ ڪيسن کان به بي خبر آهن، پارٽي مطالبو ڪيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Read Previous

پاڪستان ۾ مضبوط سڌارن ذريعي واپسيءَ جي صلاحيت موجودآهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

Read Next

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو

Most Popular