عمران خان جو 4 سالن جو دور انتقام سان ڀريل آهي، مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو 4 سالن جو دور انتقام سان ڀريل آهي.

راولپنڊي ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ الزام هڻندي چيو ته عمران خان جڏهن اقتدار ۾ آيو ته سياست ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو.

اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي هن چيو ته مونکي شرم ايندو آهي جڏهن ڪو گدڙ پاڻ کي ليڊر طور پيش ڪري ٿو.

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر وڌيڪ چيو ته مون ڪڏهن به اهڙو ڪو آمر ناهي ڏٺو، جنهن کي گاڊ فادر ۽ سسلين مافيا جو لقب مليل هجي.

هن چيو ته عدالتي نظام اهم ڪيسن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ليڪ ٿيل آڊيو ٽيپ ججن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪري ٿي، الزام آهي ته عمران خان جي سمورن 12 ڪيسن ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته منهنجي خاندان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو پر اسان عدالت ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائي بنا ڪنهن عذر جي هر ٻڌڻي تي حاضري ڀري.

مريم نواز جو اهو به چوڻ هو ته چونڊيل وزيراعظم هميشه برطرف ٿيندا آهن، جڏهن ته ڊڪٽيٽر کي سزا ناهي ملندي، هن عدليه کي آمر جي ظلم کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو ڪريڊٽ پنهنجي والد نواز شريف کي ڏنو.

مريم نواز اهو به چيو ته سندس پارٽي ان ڳالهه تي متفق آهي ته پولنگ وقت کان اڳ نه پر وقت تي ٿيڻ گهرجي.

Read Previous

اسپرنگ بوڪس جو اڳوڻو ڪوچ لين ميڪنٽوش لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

سعودي عرب پاران پاڪستان کي 2 ارب ڊالرز جو فنڊ ڏيڻ جو اعلان

Most Popular