سعودي عرب پاران پاڪستان کي 2 ارب ڊالرز جو فنڊ ڏيڻ جو اعلان

ڊالر مهانگو

سعودي عرب طرفان 2 ارب ڊالرن جي فنڊنگ لاءِ گرين سگنل ملڻ کانپوءِ پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو بهتري ملندي.

اهو اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن دوست ملڪن کان مالي مدد ۾ 3 ارب ڊالرن جي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي 2 ارب ڊالرن جي مالي مدد لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

مارچ جي آخري هفتي ۾، چين موجوده شرطن تي 2 بلين ڊالر محفوظ ذخيرو واپس ڪيو جيئن ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مستحڪم ٿي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان فنانسنگ جي تصديق چاهي ٿو، جنهن لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ کان قرض جي قسط حاصل ڪرڻ شرط آهي.

هن هفتي جي شروعات ۾ ناڻي ۽ روينيو واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف چين، يو اي اي ۽ سعودي عرب جهڙن دوست ملڪن کان پرڏيهي فنانسنگ جي تصديق ڪري رهيو آهي.

ان حوالي سان ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار 10 اپريل تي آمريڪا روانو ٿيڻ کان اڳ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) اختيارين سان رابطو ڪندو.

Read Previous

عمران خان جو 4 سالن جو دور انتقام سان ڀريل آهي، مريم نواز

Read Next

اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular