بلاول ڀٽو جي آمد تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ماستري جا آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

gambat protest

گمبٽ (رپورٽ نعمت الله شيخ ) گمبٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ماستري جي اميدوارن جو احتجاجي مظاھرو ڪيو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي گمس م آمد جو ٻڌي گمبٽ تعلقي جي آءِ بي اي ذريعي ماستري جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ تي گمس اسپتال جي احاطي ۾ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

اميدوارن زمان کھڙو، انصار ڄامڙو، جاويد لاشاري ۽ ٻين چيو ته گمبٽ جي ٻئي مرحلي جي اميدوارن کي سڄي سنڌ ۾ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي اميدوارن کي آفر آرڊر ملي چڪا آھن پر خيرپور ۾ اڃا تائين آفر آرڊر نه ڏنا پيا وڃن.

هنن چيو ته گمبٽ تعلقي ۾ سرڪاري اسڪول اڃان تائين بند آھن پر ڊي اي او خيرپور انھن اسڪولن کي کولڻ لاء ڪي به اپاءَ ناھن ورتا.

هنن چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي اپيل ڪيون اسان کي جلد کان جلد آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

سانگهڙ ڀرسان سامي فائونڊيشن پاران اسڪول ۾ هائيجن ڪٽس تقسيم

Read Next

ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ کي تمغه شجاعت سان نوازيو ويو

Most Popular