سانگهڙ ڀرسان سامي فائونڊيشن پاران اسڪول ۾ هائيجن ڪٽس تقسيم

sanghar kits

سانگهڙ (رپورٽ آصف مري ) سامي فائونڊيشن پاران گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالغفار لغاري ۾ صفائي جي حوالي سان هائيجن ڪٽس ورهايون ويون.

ايڪٽڊ جي سهڪار سان سامي فائونڊيشن جي ٽيم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالغفار لغاري ۾ پهچي صحت جي حوالي سان ٻارن ۾ 167هائيجن ڪٽس ورهايون، سامي فائونڊيشن جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ولي محمد مڱريو ۽ ڪِِرن مرتضيٰ ٻارن کي صفائي بابت ڄاڻ ڏني.

ڪِرن مرتضيٰ جو چوڻ ھو ته ٻارن جي والدين جي غربت کي مد نظر رکندي ٻارن ۾ اسٽيشنري جو سامان ۽ راندين جو سامان ۽ اسڪول بيگ پڻ ڏنا ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي تنظيم جو مقصد ٻارن جي آئوٽ آف ٽرن کي روڪڻ آھي اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها آھي ته جيڪي ٻار اسڪول کان ٻاهر آھن انهن کي اسڪول ۾ آڻجي جيئن ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.

اسڪول جي هيڊ ماسٽر خالد لغاري جو چوڻ ھو ته سامي فائونڊيشن تعليم جي واڌاري لاء ڪوششون وٺي رهي آھي جنهن ڪري اسڪولن ۾ داخلا پڻ وڌي رهي آھي اميد ٿا ڪريون ته اسڪولن جي داخلا سان گڏ تعليم پڻ بهتري ايندي.

ان موقعي تي اسڪول جي اسٽاف کان علاوه ايس ايم سي جي مييمبرن پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

حڪومت جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

Read Next

بلاول ڀٽو جي آمد تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ماستري جا آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

Most Popular