سانگهڙ نيشنل پريس ڪلب ۾ افطار ڊنر پروگرام، اطلاعات واري ڊپٽي ڊائريڪٽر جي شرڪت

سانگهڙ (رپورٽ آصف مري) نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ پاران پريس ڪلب ۾ افطار ڊنر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سانگهڙ ظفر علي منگي خصوصي طور شرڪت ڪئي.

افطار ۽ ڊنر پارٽيءَ کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات ظفر علي منگي چيو ته پريس جي نمائندن ۽ اطلاعات کاتي جو پاڻ ۾ اهم ساٿ آهي، نيشنل پريس ڪلب اسٽيٽ ميڊيا سان گڏ جي علائقي جي عوام جا مسئلا نه صرف اُجاگر ڪيا ويا آهن پر انهن کي به حل پڻ ڪرايو آهي.

هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو لاچار ۽ غريب عوام هميشه نيشنل پريس ڪلب جي نمائندن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي.

افطار پارٽي کي صدر نيشنل پريس ڪلب اشفاق سلهري، نائب صدر سيف الله مغل، عزيز الرحمن رند، ظفر الله لغاري، شاهنواز رونجهو ۽ اطلاعات کاتي جي عبدالمجيد راهمون پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ جي مثبت رپورٽنگ ۽ هميشه ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪرڻ سبب لاچار ۽ بيوس ماڻهو هميشه جي ۾ جايون ڏنيون آهن.

Read Previous

گهوٽڪي ۾ ٽن هفتن کان بجلي بند هئڻ خلاف اسڪولي ٻارڙا رستن تي اچي ويا

Read Next

برطانيا ۾ جونيئر ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب مريضن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون

Most Popular