گهوٽڪي ۾ ٽن هفتن کان بجلي بند هئڻ خلاف اسڪولي ٻارڙا رستن تي اچي ويا

ghotki student protest

گهوٽڪي(رپورٽ: جلال بوزدار) گهوٽڪي جي سڀ کان وڏي اسڪول جي بجلي ٽن هفتن کان بند هئڻ سبب 3 هزار ٻار گرميءَ ۾ پڙهڻ تي مجبور ٿي ويا، ٻارڙن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ضلعي جي سڀ کان وڏي سرڪاري هاءِ اسڪول جي بجلي ٽرانسفارمر خراب هئڻ ڪري ٽن هفتن کان ڪاٽا ٿيل آهي.

اسڪول لڳ ڀڳ 3 هزار کان وڌيڪ شاگرد رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۽ سخت گرمي ۾ پڙهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

هاءِ اسڪول جي استادن توڙي شاگردن بجلي نه هئڻ خلاف سوين شاگرد ۽ استاد روڊن تي نڪري آيا، احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استاد منير جماڻي، استاد خميسو تنيو، مشتاق سيال، سڪندر علي لوهار، استاد ظفر علي سيال، شاگرد شھزاد پتافي وارث علي سومرو، ريحان علي سومرو ۽ ٻين چيو ته ضلعي گهوٽڪي جو سڀ کان وڏو اسڪول آهي جنهن جي گذريل 20 ڏينهن کان بجلي ٽرانسفارمر خراب آهي، ۽ اسان سخت گرمي ۾ پنهنجو مستقبل سنواري رهيا آهيون.

هنن چيو ته رمضان شريف جا بابرڪت مهيني ۾ اسان روزا رکون ٿا سخت گرمي سبب اسان جو هال هيڻو ٿي پيو آهي.

هنن سيپڪو جي اختيارن کي ٽرانسفارمر ٺهرائي اسڪول جي بجلي بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

Read Previous

گهوٽڪي ۾ اڌر ڪيڊر ٽيچرس الائينس جي سڏ تي استادن جو احتجاجي مظاهرو

Read Next

سانگهڙ نيشنل پريس ڪلب ۾ افطار ڊنر پروگرام، اطلاعات واري ڊپٽي ڊائريڪٽر جي شرڪت

Most Popular