وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، اهم فيصلن جو امڪان

NSC Qomi salamati commettee

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ حساس ادارن جي سربراهن پاران قومي سلامتي بابت بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي اعلان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿي رهيو آهي.

اليڪشن شيڊول ۾ معمولي تبديلي ڪندي عدالت پنجاب ۾ چونڊون 30 اپريل بدران 14 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Read Previous

اسحاق ڊار پاران ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان

Read Next

اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر سڌير نائڪ لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular