اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر سڌير نائڪ لاڏاڻو ڪري ويو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو اوپنر سڌير نائڪ 78 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ مختصر علالت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.

مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سڌير نائڪ کي 24 مارچ تي پنهنجي گهر ۾ ڪري پوڻ کانپوءِ ممبئي جي هڪ خانگي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو.

رپورٽن مطابق آچر جي رات سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ سندس عيادت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ 72 ڪلاڪ نازڪ هوندا.

اڳوڻي ڪپتان پنهنجي پونئيرن ۾ هڪ ڌيءَ ڇڏي آهي، جيڪا آسٽريليا ۾ رهي ٿي.

سڌير نائڪ 1974ع کان 1975ع جي وچ ۾ هندستان لاءِ ٽي ٽيسٽ ۽ ٻه ون ڊي ميچ کيڏيا.

هن 85 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏيون ۽ 35.29 جي سراسري سان 4376 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 200 ناٽ آئوٽ جو ٽاپ اسڪور ۽ هڪ ڊبل سميت ست سينچريون شامل آهن.

ڪرڪيٽر 1970-71 ۾ رنجي ٽرافي کٽيندڙ ممبئي جي ٽيم جي اڳواڻي ڪندي قومي شهرت حاصل ڪئي، نائڪ وانکيڊ اسٽيڊيم جو چيف ڪيوريٽر پڻ هو.

Read Previous

وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، اهم فيصلن جو امڪان

Read Next

روينا ٽنڊن کي پدم شري ايوارڊ ملڻ تي سندس ڌيءَ زبردست نوٽ لکيو

Most Popular