پ پ جي ڊجيٽل تنظيم سازي ميرٽ تي ٿيندي، پارٽي منشور تحت ڪم ڪريون پيا: شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي ڊجيٽل ميڊيا جو سربراهه پڻ آهي، اڄ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پ پ جي ڊجيٽل ميڊيا جي ڪارڪنن کي افطار جي دعوت ڏني.

ان موقعي تي صوبائي وزير محنت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني، صوبائي وزير شهلا رضا، سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد قمر، عاجز ڌامراهه ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ شهرن مان آيل پيپلز پارٽي ڊيجيٽل جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شرڪت ڪندڙ سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پنهنجي تقريرن ۾ پي پي پي ڊجيٽل جو ڪم جي شروعات ۽ ان کي سرگرمي سان اڳتي وڌائڻ تي پي پي پي ڊجيٽل جي سربراهه شرجيل انعام ميمڻ جي خدمتن، سرگرمين ۽ فعاليت کي ساراهيو ۽ چيو ته شرجيل انعام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي ڊجيٽل جا سرگرم ڪارڪن پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور ۽ پارٽي قيادت جي ويزن کي ڊجيٽل ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ لاءِ انتهائي مهذب انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عام طور تي ماڻهو وڏن ماڻهن جي اعزاز ۾ دعوتون ڏيندا آهن پر اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مون کي چيو ته مان پيپلزپارٽي جي نوجوانن جي اعزاز ۾ افطار جو انتظام ڪريان ۽ پيپلزپارٽي جي ڊجيٽل ورڪرن کي خاص مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏيان، ان ڪري اڄوڪي تقريب جا خاص مهمان هن هال ۾ موجود اسان جا سوين نوجوان ڪارڪن آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ انتشار ۽ نفرت پکيڙيندڙ قوتن جو حوصلا شڪني لاءِ پي پي ڊي ڊجيٽل جا ڪارڪن پنهنجي موقف جو ڀرپور ۽ باوقار انداز ۾ اظهار ڪندا ۽ پ پ ڊيجيٽل جا ڪارڪن پنهنجي موقف جي اظهار وقت مخالف جي جنس ۽ عمر جو به خيال رکندا ۽ بدتميزيءَ جي جواب ۾ پنهنجي موقف کي استدلال ۽ تهذيب سان سٺن لفظن ۾ پيش ڪندا.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ڊجيٽل جي تنظيم سازي ٿي رهي آهي ۽ تنظيم سازي ڪم ۽ ميرٽ جي بنياد تي ٿيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڊجيٽل جي ڪارڪنن کي اعليٰ تربيتي موقعا پڻ فراهم ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ اهي ڪارڪن پنهنجي لاءِ باعزت ڊجيٽل روزگار حاصل ڪري سگهندا.

هن چيو ته تمام جلد پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ورڪرز جا ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ شرڪت ڪندو. تقريب جي پڄاڻي تي پ پ ڊجيٽل جي ڪارڪنن پاران ٺاهيل گيت جي وڊيو پڻ پيش ڪئي وئي.

Read Previous

ڀٽو کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ئي ختم ٿي ويا: سليم مانڊوي والا

Read Next

ميرپورخاص جي عدالت پاران قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ڦاهيءَ جي سزا

Most Popular