ڀٽو کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ئي ختم ٿي ويا: سليم مانڊوي والا

saleem Mandvi Wala

هوسٽن آمريڪا (پ ر) پيپلز پارٽي آمريڪا (ٽيڪساس چيپٽر) پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي پاڪستان جي شهرن وانگر هوسٽن شهر ۾ به عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.

پروگرام آرگنائيزر ڪميٽي جي سربراهه امير ارسلان ملڪ موجب رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي ڪري آمريڪا ۾ مرڪزي سطح تي پروگرامن بدران هر رياست جي اهم شهرن ۾ قرآن خواني، فاتحه خواني ۽ دعا جون تقريبون منعقد ڪيون ويون. هوسٽن ۾ تقريب ۾ افطار ۽ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي نجي دوري تي آمريڪا پهتل پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ آف پاڪستان جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين عزت مآب سليم مانڊوي والا ۽ . نيو يارڪ رياست کان آيل پيپلز پارٽي آمريڪا جو صدر محمد خالد اعواڻ خاص مهمانن طور شرڪت ڪئي.

پروگرام جي شروعات افطار کانپوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مغفرت ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام جي لاءِ دعا به گهري وئي.

پروگرام کي خطاب ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته 4 اپريل اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان جي محبوب ليڊر کي ڦاهي ڏني وئي.

هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته جن ڀٽو کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي اڄ پاڻ ختم ٿي چڪا آهن ۽ شهيد ڀٽو اڄ به ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو هن ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي پ پ آمريڪا جي صدر محمد خالد اعواڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو آئين ڏئي حقيقي جمهوريت جو بنياد رکيو. ڀٽو جي ڪيل خدمتن جو ڪو ڳاڻيٺو ناهي، ڀٽو ڪلھه به زنده هو ۽ ڀٽو اڄ به زنده آهي.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر بابر غوري، پ پ جا عهديدار عزيز نظاماڻي، ڪاشف سومرو، رياض حسين ڪاڪا خيل، فهد جوڻيجو، نصرت لاشاري، ارسلان ملڪ، نصرت لغاري، ڪربان لاشاري، فرحانه مرزا، شبانه جتوئي، سهيل قاضي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پڻ موجود هئا.

هوسٽن مان فهد نظاماڻي، عابده بلوچ سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪيو.

ان کان اڳ پيپلز پارٽي هوسٽن جي صدر عزيز نظاماڻي سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ پيپلز پارٽي يو ايس اي جي صدر محمد خالد اعواڻ کي پنهنجي گهر چانهه پارٽيءَ جي دعوت ڏني، جتي افطاري جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو. ان موقعي تي عزيز نظاماڻي مهمانن کي سنڌ جي روايتن موجب اجرڪ اوڍايا ۽ شيلڊ پڻ پيش ڪئي.

Read Previous

قومي سلامتي ڪميٽي پاران دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

پ پ جي ڊجيٽل تنظيم سازي ميرٽ تي ٿيندي، پارٽي منشور تحت ڪم ڪريون پيا: شرجيل ميمڻ

Most Popular