سينيئر پروڊيوسر ۽ اداڪار طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان ٽيليويزن جو سينيئر پروڊيوسر ۽ اداڪار طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي خبر فيصل قريشي، دانش نواز ۽ ٻين پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊلز تي شيئر ڪئي.

طارق جميل ڪيترن ئي سالن تائين پي ٽي وي سان پروڊيوسر طور ڪم ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو.

سندس مشهور ڊرامن ۾ دل مومن، سات پردون مين، پيا نام ڪا ديا، اڙان ۽ محبت ڇوڙ دي ميني شامل آهن.

طارق جميل پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پي ٽي وي لاءِ سيٽ ڊزائينر جي حيثيت سان ڪئي پر ڪراچي سينٽر ۾ هڪ ڪامياب پروڊيوسر جي حيثيت سان سامهون آيو، جنهن شفيع محمد شاهه ۽ شگفتھ اعجاز جو بلاڪ بسٽر هٽ ڊرامو آنچ پروڊيوس ڪيو.

Read Previous

پنجاب ۾ چونڊن جي صورتحال، عمران خان پارٽي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو

Read Next

اسلام آباد پوليس نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار

Most Popular