پنجاب ۾ چونڊن جي صورتحال، عمران خان پارٽي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي قيادت جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ حڪومت خلاف ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.

اهو فيصلو حڪومت پاران تازو پنجاب چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ کانپوءِ آيو آهي.

عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پنجاب جا ضلعي پارٽي اڳواڻن ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا.

اجلاس جو بنيادي مقصد حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ آهي.

پي ٽي آءِ اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

Read Previous

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

Read Next

سينيئر پروڊيوسر ۽ اداڪار طارق جميل پراچا لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular