ڪنڌڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ رضا نوناري) ڪنڌڪوٽ پوليس پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، وڏي انگ ۾ ماڻهن جو احتجاج ڪيو ويو.

ايس ٽي پي جي سڏ تي سول سوسائٽي جي اڪرم باجڪاڻي، عبدالغني بجاراڻي ۽ ظريت ساگر بجاراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته سڄي دنيا احتجاج ڪري رهي آهي پر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل بيوس ۽ ناڪام نظر اچي پئي.

هنن چيو ته پوليس جيڪڏهن جيھڙن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ھا ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند قتل نه ٿئي ھا.

Read Previous

ٽنڊي الهيار ۾ ايس ٽي پي جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف مظاهرو

Read Next

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران مسيحي برادري کي ايسٽر جون واڌايون

Most Popular