وڏي وزير مراد علي شاهه پاران مسيحي برادري کي ايسٽر جون واڌايون

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مسيحي برادري کي ايسٽر جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اسان مسيحي برادري جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن کي برابري جا حق ڏيڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ سنڌ ۾ سڀني اقليتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن ۽ سڀني مذهبن کي عبادت ڪرڻ، رسمون ادا ڪرڻ ۽ ڏھاڙا ملهائڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اقليتي برادري جي ڀلائي سميت سمورن آئيني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي.

وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين اقليتي برادري جي بنيادي حقن ۽ مذهبي آزادي جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي.

هن چيو ته مسيحي برادري کي سندن مذهبي تھوار ايسٽر جون واڌايون ڏيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايسٽر ضرورتمندن ۽ مستحقن ۾ خوشيون ورهائڻ جو نالو آهي.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

Read Next

بند گهٽيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ شرطن تي معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿي، ناصر شاهه

Most Popular