بند گهٽيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ شرطن تي معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿي، ناصر شاهه

ڪراچي : صوبائي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بند گلي ۾ اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ پنھنجن شرطن تي حڪومت سان معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿي.

هن اها ڳالهه عمران نيازي جي سياست جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسد قيصر چوي ٿو پهريان قومي اسيمبلي ٽوڙيو پوءِ پي ٽي آءِ چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪندي.

ھن سواليا انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي ٽوڙي وئي ته ڇا عمران نيازي سڌارن جي منظوري ڏيندو؟.

ناصر حسين شاهه چيو ته فواد چوڌري چوي ٿو تھ حڪومت سان ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن اسٽيبلشمينٽ به گڏ ويهندي! پي ٽي آءِ جو اصل مقصد اسٽيبلشمينٽ سان ويهڻ ۽ ٻيهر سليڪٽڊ ٿيڻ آهي.

هن چيو ته عمران نيازي پارلياماني نظام جو مخالف آهي ۽ صدارتي نظام چاهي ٿو ته جيئن ڪنهن آڏو جوابدا نه ٿئي.

ناصر حسين شاهه چيو ته عمران نيازي جارج آرويل جي ناول ”نائنٽين ايٽي فور“ کان متاثر ٿي ”بگ برادر“ بڻجي عوام کان سوال ڪرڻ جو حق کسڻ چاهي ٿو ته جيئن هو سڀني جي زندگي تي ڪنٽرول ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته نيازي جهڙا وڏا بيمار ذهن حڪمران هن خطي تي مسلط ٿيا پر اڄ اهي تاريخ ۾ دفن آهن.

Read Previous

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران مسيحي برادري کي ايسٽر جون واڌايون

Read Next

Kaspersky Antivirus Assessment

Most Popular