ٽيلر سوئفٽ ۽ جو ايلوين ڇهن سالن کانپوءِ رستا ڌار ڪري ڇڏيا

آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ ۽ اداڪار جو ايلوين ڇهن سالن تائين گڏ رهڻ کانپوءِ پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا آهن.

ٽيلر سوئفٽ جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته هوءَ ۽ جو ايلوين ڪجهه هفتا اڳ جدا ٿي ويا، اهي ڌار ٿيا آهن پر دوست رهڻ جو ارادو رکن ٿا.

سوئفٽ، جيڪا هن وقت پنهنجي ”ايراز ٽوئر“ تي آهي ۽ ايلوين کي پهريون ڀيرو 2016ع ۾ رومانوي انداز سان پاڻ سان ڳنڍيو هو.

گريمي اوارڊ ماڻيندڙ گلوڪاره ۽ ايلوين پنهنجي رشتن کي گهڻو ڪري ڍڪيل رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

جنوري ۾، سوئفٽ پنهنجي انسٽاگرام تي انڪشاف ڪيو ته سندس 2022 جي البم ’مڊ نائيٽس‘ جو هڪ گانو ’ليوينڊر هيز‘ ايلوين بابت آهي.

Read Previous

آمريڪي نوجوان نسل ٽڪ ٽاڪ کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ڪيئن ڪري ٿو؟

Read Next

آئي پي ايل: رنڪو سنگهه آخري 5 بالن تي 5 ڇڪا هڻي وڃايل ميچ کٽي ورتي

Most Popular