آمريڪي نوجوان نسل ٽڪ ٽاڪ کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ڪيئن ڪري ٿو؟

سڄي آمريڪا ۾ 150 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ٽِڪ ٽاڪ کانسواءِ زندگي جي هڪ نئين حقيقت جي امڪان طور منهن ڏئي رهيا آهن.

مشهور شارٽ فارم ويڊيو ايپ هڪ جاري ويڙهه جي مرڪز تي آهي، قانون سازن مڪمل پابندي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪمپني پاڻ کي هڪ اهم ڪميونٽي جي اسپيس، تعليمي پليٽ فارم ۽ صرف سادي تفريح طور پيش ڪري ٿي.

هانگ ڪانگ ۾، انهيءَ حقيقت کي تصور ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇوته ٽڪ ٽاڪ 2020 ۾ اتي پنهنجون خدمتون بند ڪري ڇڏيون هيون.

ان جي اوچتو روانگي تي مليل جليل رد عمل سامهون آيو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه صارفين ۽ مواد جي تخليق ڪندڙن کي مايوسي ٿي، پر گهڻي ڀاڱي ماڻهن چيو ته زندگي ايپ جي لامحدود اسڪرولنگ کانسواءِ بهتر آهي.

روانگي وقت ٽڪ ٽاڪ جي شهر شهر ۾ سراسري طور تي معمولي موجودگي هئي ۽ اڄ آمريڪا جيان هر هنڌ موجود نه هو.

آمرعکا مان ان جي روانگي تي ردعمل مختلف آھع، صارفين ٻين پليٽ فارمن ڏانهن رخ ڪن ٿا يا وري حقيقي زندگي کان ڪٽجي ويل برادرين جو رخ ڪن ٿا، آمريڪين کي امڪاني طور ٽڪ ٽاڪ کانسواءِ مستقبل هڪ جھلڪ پيش ڪري ٿو.

Read Previous

اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جو چين ۾ ميگا فيڪٽري کولڻ جو اعلان

Read Next

ٽيلر سوئفٽ ۽ جو ايلوين ڇهن سالن کانپوءِ رستا ڌار ڪري ڇڏيا

Most Popular