عمران نيازي کي وائيٽ پيپر بدران پنهنجي چار سالا حڪومت جو خالي پرچو شايع ڪري ها، ناصر شاهه

ڪراچي: مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عمران نيازي کي وائيٽ پيپر شايع ڪرڻ بدران پنهنجي 4 سالن جي حڪومت جو خالي پيپر شايع ڪرڻ گهرجي ها.

پي ٽي آءِ جي وائيٽ پيپر تي تبصرو ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته عمران خان پنهنجي 4 سالن جي دور ۾ ملڪ جي معيشت، گورننس، سياسي قدرن ۽ ادارن کي تباهه ڪيو.

هن چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران نيازي اسٽيبلشمينٽ کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته مٿس ٻيهر اعتماد ڪيو وڃي، جڏهن سندس اڳوڻا وزير ۽ صلاحڪار ئي مٿس ڀروسو نٿا ڪن ته سندس ڏنگيل هن تي اعتبار ڪيئن ڪندا؟

ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته عمران خان چوي ٿو ته شهباز شريف کي حڪومت ان ڪري مليو، ڇاڪاڻ ته هن جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جو واعدو ڪيو هو.

هن چيو ته عمران نيازي کي ياد هوندو ته هن پاڻ جنرل باجوه کي تاحيات آرمي چيف بڻائڻ جي آڇ ڪئي، عمران جي دور ۾ ڪيترا صحافي گرفتار ٿيا، ڪيترين کي برطرف ڪرايو ۽ ڪيتري جي بي عزتي ڪئي، ان تي وائيٽ پيپر اچڻ گهرجي.

ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته عمران خان جي اقتدار مان نڪرڻ جي هڪ سال کانپوءِ يوم نجات، يوم عدم اعتماد ۽ جمهوريت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

Read Previous

بابر جي ڪپتاني بابت نجم سيٺي جي بيان کانپوءِ آفريدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Read Next

گمس ۾ بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ ڪاليج ۽ سيلولر اينڊ جين ٿراپي يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular