بابر جي ڪپتاني بابت نجم سيٺي جي بيان کانپوءِ آفريدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين نجم سيٺي جي بابر اعظم جي ڪپتاني بابت ڏنل بيان تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته نجم سيٺي انڪشاف ڪيو هو ته شاهد آفريدي جي سربراهي ۾ عبوري سليڪشن ڪميٽي بابر اعظم کي ڪپتان بڻائڻ جي سفارش ڪئي هئي.

بهرحال اڳوڻي ڪپتان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي واضح ڪيو ته هن اهڙي قسم جي ڪا به تجويز نه ڏني هئي.

هن چيو ته مون نجم سيٺي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تصديق ڪئي ته هو بابر اعظم جي ڪپتاني تي تبصرو ڪندي مون ڏانهن اشارو نه پيو ڪري.

پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي شاهد آفريدي لکيو ته هو بابر اعظم ۽ سندس ٽيم لاءِ نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو.

Read Previous

نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

Read Next

عمران نيازي کي وائيٽ پيپر بدران پنهنجي چار سالا حڪومت جو خالي پرچو شايع ڪري ها، ناصر شاهه

Most Popular