حمائمه ملڪ مداحن کان سوال پڇڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ انسٽاگرام تي هلي وئي

اداڪارا حمائمه ملڪ پنهنجو صبح وارو وقت مداحن سان آن لائن انٽرويو سيشن ۾ گذاريو ۽ انهن سان سوالن ۽ جوابن جو سيشن ڪيو.

هڪ مشهور شخصيت هجڻ جي ڪري، ليجنڊس آف مولا جٽ جي اداڪاره پنهنجي مداحن سان رابطي ۾ رهڻ جي ضرورت محسوس ڪري ٿي.

حمائمه خوشيءَ، شادي، سندس ڀاءُ فيروز خان، پاڻ محبت جي اهميت ۽ سخت ذهني دٻاءُ کي ڪيئن ختم ڪجي سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو.

حمائمه ملڪ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ سوال جو اسٽيڪر پوسٽ ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”ننڊ ناهي، اچو ته ڳالهايون، مون کان ڪجهه به پڇو“ جنهن تي مداحن ۾ جوش وڌي ويو.

حيرت انگيز طور تي پهريون سوال هن جي شادي جي منصوبن بابت هو، هڪ مداح سوال ڪيو ته شادي ڪڏهن ٿيندي ته هن جواب ڏنو ته جڏهن الله چاهيو ۽ جڏهن ڪو مون سان پيار ڪندو.

Read Previous

گمس ۾ بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ ڪاليج ۽ سيلولر اينڊ جين ٿراپي يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

هانيا عامر جو ڪمبوڊيا وارو دورو تڪرارن جي ور چڙهي ويو، صارفين جي ڇتي تنقيد

Most Popular