هانيا عامر جو ڪمبوڊيا وارو دورو تڪرارن جي ور چڙهي ويو، صارفين جي ڇتي تنقيد

پاڪستان جي ڊمپل ڪوئن هانيا عامر پنهنجي تازي سيم ريپ، ڪمبوڊيا جي دوري دوران ڀڳوان گنيشا سان گڏ پوز ڏيڻ تي تڪرار جو شڪار ٿي وئي.

هانيا عامر جڏهن کان انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ داخل ٿي آهي، تڏهن کان هوءَ مسلسل ٽرولز جو نشانو بڻجندي آئي آهي.

ڳائڻي عاصم اظهر سان بريڪ اپ ٿيڻ کانپوءِ اداڪاره جي بولڊ انداز آن لائن جنون پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

اداڪاره فوٽو شيئرنگ ايپ تي، پنهنجي موڪلن وارا فوٽوز شيئر ڪيا، جن مان هڪ ڀڳوان گنيش سان ڏنل پوز واري تصوير تي هوءَ تنقيد جي زد ۾ اچي وئي.

ڪمبوڊيا ۾ هانيا جي شاهوڪار طرز زندگي تمام سٺي هئي، پر سندس هندو ديوي سان گڏ وائرل تصويرن ڪاوڙ کي جنم ڏنو.

Read Previous

حمائمه ملڪ مداحن کان سوال پڇڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ انسٽاگرام تي هلي وئي

Read Next

اداڪاره عائشه عمر جو پنهنجي 8 سالن جي لاڳاپن بابت انڪشاف

Most Popular