سپريم ڪورٽ بل خلاف درخواستن تي حڪومت ۽ سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري

سپريم ڪورٽ جوڊيشل ريفارمز بل خلاف ڪيس ۾ حڪومت، سياسي پارٽين ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ پارليامينٽ طرفان پاس ڪيل سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جلد حڪم جاري ڪيو ويندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته عدالتي مددگار به مقرر ڪيو ويندو.

لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي اٽارني جنرل کان مدد طلب ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت، اي اين پي ۽ سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت پارليامينٽ جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿي، عدالت تجويز ڪيل ايڪٽ تي نظرثاني ڪرڻ چاهي ٿي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت ڪوشش ڪندي ته ايندڙ ٻڌڻي جلد کان جلد شيڊول ڪري، جيڪا ساٿي ججن جي حاضري کانپوءِ ئي ٿيندي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين تجويز ڪيل ايڪٽ کي قانون بڻجڻ کان روڪيو وڃي.

جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته حسبه بل ريفرنس جي صورت ۾ آيو، گورنر کي ان تي صحيح ڪرڻ کان روڪيو ويو.

وڪيل چيو ته فيصلو ٿيڻ تائين قانون واري وزارت کي قانون بابت ڄاڻ ڏيڻ کان روڪيو وڃي.

Read Previous

AirVPN Review

Read Next

وزيراعظم، اسپيڪر قومي اسيمبلي، مريم نواز ۽ اسحاق ڊار خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

Most Popular