وزيراعظم، اسپيڪر قومي اسيمبلي، مريم نواز ۽ اسحاق ڊار خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

سپریم کورٹ

سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري کي به ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل حڪومتي اختيارين سپريم ڪورٽ جي 4 اپريل جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

ايڊووڪيٽ مولوي اقبال حيدر سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومتي اختيارين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري نه ڪري توهين عدالت ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ پنجاب جي چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ تي اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽرين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت چونڊن جا فنڊ اليڪشن ڪميشن ڏانهن منتقل نه ڪيا آهن.

Read Previous

سپريم ڪورٽ بل خلاف درخواستن تي حڪومت ۽ سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري

Read Next

ڪترينا ڪيف جي ماءُ نيتو ڪپور تي اڻ سڌي طرح ٺٺوليون ڪيون؟ وضاحت به ڪري ڇڏي

Most Popular