ڊيڪسٽر فليچر بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ جي فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جو خواهشمند

هالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ڊيڪسٽر فليچر بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي مشهور فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

رپورٽن مطابق هالي ووڊ هدايتڪار ڊيڪسٽر فليچر جيڪو هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم ”گھوسٽڊ“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، بالي ووڊ فلم جي هدايتڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

هڪ تازي انٽرويو ۾ ڊيڪسٽر فليچر کان پڇيو ويو ته ڇا هو بالي ووڊ فلم جي هدايتڪاري ڪرڻ چاهيندو، جنهن تي سندس تڪڙو جواب هو ته شاهه رخ خان جي فلم ”ڪل هو نا هو“ جو سيڪوئل ٺاهيو وڃي.

هن چيو ته مان ڪل هو نا هو 2 جي هدايتڪاري ڪرڻ چاهيان ٿو، مون کي ان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو، اهو هڪ بهترين تجربو هوندو.

واضح رهي ته 2003ع ۾ ڪرن جوهر جي لکيل ۽ نخل ايڊواڻي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ’ڪل هو نه هو‘ ٻه نيشنل ايوارڊ ۽ 8 فلم فيئر ايوارڊ ماڻيا هئا، جنهن ۾ شاهه رخ خان، پريتي زنٽا ۽ سيف علي خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

Read Previous

ڪترينا ڪيف جي ماءُ نيتو ڪپور تي اڻ سڌي طرح ٺٺوليون ڪيون؟ وضاحت به ڪري ڇڏي

Read Next

راحت فتح علي ۽ عاطف اسلم پاران اننت امباني جي سالگرهه تي آواز جو جادو جاڳايو

Most Popular