راحت فتح علي ۽ عاطف اسلم پاران اننت امباني جي سالگرهه تي آواز جو جادو جاڳايو

دبئي: ڀارتي ارب پتي مڪيش امباني جي ننڍي پٽ اننت امباني جي سالگرهه جي تقريب ۾ پاڪستاني گلوڪارن راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو.

ڀارتي ارب پتي مڪيش امباني جي ننڍي پٽ اننت امباني پنهنجي 28هين سالگرهه پنهنجي منگيتر راڌيڪا مرچنٽ، خاندان ۽ ويجهن دوستن سان گڏ دبئي ۾ ملهائي.

اننت امباني جي سالگرهه جي تقريب ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون شوبز شخصيتون به شامل ٿيون.

اننت امباني جي سالگرهه تي عاطف اسلم ۽ راحت فتح علي خان جي پرفارمنس جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

تقريب ۾ ٻنهي پاڪستاني گلوڪارن پنهنجا يادگار گيت ڳايا جڏهن ته مهمان سندن پرفارمنس مان خوب لطف اندوز ٿيا.

Read Previous

ڊيڪسٽر فليچر بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ جي فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جو خواهشمند

Read Next

جاپان 2035 ۾ ٻيهر رگبي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪرڻ جو خواهشمند

Most Popular