راني مکرجي جي ڌيءَ سندس فلمون ڇو ناهي ڏسندي؟

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا راني مکرجي انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءَ اديرا منهنجي فلم نه ڏسندي آهي.

راني مکرجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته منهنجي ڌيءَ اديرا جڏهن فلم ”مسز چٽرجي ورسز ناروي“ جو ٽريلر ڏٺو ته روئڻ لڳي.

هن چيو ته دراصل هوءَ اهو فرق نه سمجهي سگهي آهي ته مان هڪ اداڪارا ۽ سندس ماءُ به آهيان، هاڻي فلمون ڏيکارڻ وقت کان اڳ هوندو ڇو ته هوءَ ننڍي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هوءَ مون کي اسڪرين تي روئندي ڏسندي آهي ته سوچيندي آهي ته مون کي تڪليف ٿي رهي آهي، تنهن ڪري هوءَ روئڻ لڳي ٿي.

راني مکرجي چيو ته ايندڙ 3 کان 4 سالن ۾ ٿي سگهي ٿو هوءَ اهو سڀ سمجهي ويندي ۽ پوءِ منهنجيون فلمون ڏسي سگهندي.

Read Previous

پاڪستان جو دورو اسان جي ٽيم لاءِ سٺو هوندو، ٽام ليٿم

Read Next

پوجا هيگڙي سلمان خان سان ملاقات جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular