پوجا هيگڙي سلمان خان سان ملاقات جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

بالي ووڊ اداڪارا پوجا هيگڙي سلمان خان سان ملاقات جي افواهن تي خاموشي ٽوڙيندي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 32 سالن جي پوجا هيگڙي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هوءَ سنگل آهي ۽ هن وقت سندس ڪيريئر پهرين ترجيح آهي.

پوجا هيگڙي ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته مان انهن افواهن بابت ڇا چوان، مان پنهنجي باري ۾ شيون پڙهندي رهندي آهيان، مان اڪيلي ۽ خوش آهيان.

اداڪارا جو چوڻ هو ته هن وقت مان پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏئي رهي آهيان، مان هاڻي انهن افواهن تي ڌيان نٿي ڏئي سگهان.

رپورٽن مطابق سلمان خان ۽ پوجا هيگڙي جي دوستي ۽ ڊيٽنگ جون افواهون ڪجهه مهينا اڳ شروع ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ ٻنهي ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ۽ نه وري ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب اهي افواهون ان وقت وڌيڪ مضبوط ٿيون جڏهن سلمان خان اداڪارا جي ڀاءُ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي ۽ تقريب مان ٻنهي جون تصويرون به سامهون آيون.

Read Previous

راني مکرجي جي ڌيءَ سندس فلمون ڇو ناهي ڏسندي؟

Read Next

مودي جو برطانيا کان خالصتان جي حمايت ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو مطالبو

Most Popular